ڇا ٿا پڇو ته ڇا هيو

ڇا ٿا پڇو ته ڇا هيو

ڇا ٿا پڇو ته ڇا هيو

ڇا ٿا پڇو ته ڇا هيو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي وڇوڙيءَ تي مختلف ليکڪن جي مضمونن، تاثرن، ايڊيٽوريلن ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن کي ساجد چانڊئي ۽ ناياب سرڪش ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين حصي ۾ سرڪش سنڌيءَ جي وفات تي مختلف ليکڪن جا تاثر، مضمون ۽ اخبارن جا ايڊيٽوريل ٻئي حصي ۾ سرڪش سنڌيءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب ”ٻانهن وراڪا“ جي شاعري ۽ ٽئين حصي ۾ سرڪش سنڌيءَ جون مختلف دوستن سان يادگار رنگين تصويرون ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ راشد مورائي، تاج جويي، اياز گل، غلام رسول چانڊئي، ڪوثر ٻرڙي، بشير قريشي، زين شاهه، ڊاڪٽر الطاف بخاري ۽ ٻين جا تاثر ڏنل آهن. 200 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سرڪش سنڌي يادگار ڪميٽيءَ طرفان 2013ع ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو ويو. جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو